خانصاحب اُستاد فتح علي خان

خانصاحب اُستاد فتح علي خان

خانصاحب اُستاد فتح علي خان

خانصاحب اُستاد فتح علي خان: خانصاحب استاد فتح علي خان، سنڌ جي گواليار خاندان جو هڪ اهم ڪلاسيڪي راڳي آهي. هن جي والد جو نالو غلام رسول خان هو. نامور ڪلاسيڪي گوَيو ۽ راڳي استاد منظور علي خان سندس مامو هو ۽ راڳ جي سکـيا اُن کان ورتائين. استاد فتح علي خان کي راڳ سان وڏو اُنس آهي ۽ هو اُن کي عبادت سمجهندو آهي. جنهنڪري هن ڪڏهن به سازن کي هيٺ نه رکيو آهي. طبلا، باجا ۽ ٻيا ساز هميشه مٿي رکندو آهي. ملڪي سطح تي ڳائڻ سان گڏ ڪيترا ڀيرا آمريڪا، ڀارت، ازبڪستان، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ ڳائي، وڏو داد حاصل ڪيو اٿس. هن ’پرائڊ آف پرفارمنس‘ اوارڊ (چار ڀيرا)، پي. ٽي. وي پاران ’ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو اوارڊ‘ ۽ ازبڪستان ۾ ’بهترين گائڪ جو اوارڊ‘ حاصل ڪيو آهي.
استاد فتح علي خان، خيال، ڪافي، غزل، ٺمري ۽ ٽَپي ڳائڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. هن سان طبلي تي استاد بشير خان ۽ باجي تي عبدالغفور سومرو سنگت ڪندا رهيا آهن. استاد فتح علي خان ڳائڻ وقت هٿن ۽ چهري جي انداز سان راڳ جي منظر نگاري ڪرڻ ۾ خاص فنڪارانه مهارت رکي ٿو. موجوده دؤر ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو